Sindhi
Surah الحاقة - Aya count 52
الْحَاقَّةُ
( 1 ) قيامت.
مَا الْحَاقَّةُ
( 2 ) ڇا آھي (اھا) قيامت.
وَمَا أَدْرَاكَ مَا الْحَاقَّةُ
( 3 ) ۽ ڪھڙي شيءِ توکي ڄاڻايو ته قيامت ڇا آھي؟
كَذَّبَتْ ثَمُودُ وَعَادٌ بِالْقَارِعَةِ
( 4 ) ثمود ۽ عاد (قوم) قيامت کي ڪُوڙ ڄاتو.
فَأَمَّا ثَمُودُ فَأُهْلِكُوا بِالطَّاغِيَةِ
( 5 ) پوءِ ثمود (قوم) سي ته ھڪڙي رڙ سان ناس ڪيا ويا.
وَأَمَّا عَادٌ فَأُهْلِكُوا بِرِيحٍ صَرْصَرٍ عَاتِيَةٍ
( 6 ) ۽ عاد سي ھڪ بيحد سخت واءُ سان ناس ڪيا ويا.
سَخَّرَهَا عَلَيْهِمْ سَبْعَ لَيَالٍ وَثَمَانِيَةَ أَيَّامٍ حُسُومًا فَتَرَى الْقَوْمَ فِيهَا صَرْعَىٰ كَأَنَّهُمْ أَعْجَازُ نَخْلٍ خَاوِيَةٍ
( 7 ) (الله) اُن (واءُ) کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينھن لڳولڳ مٿن کڙو ڪيو پوءِ قوم کي اُن (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ھا ڄڻ ته اُھي ڀتي کجيءَ جا ٿُڙ آھن.
فَهَلْ تَرَىٰ لَهُم مِّن بَاقِيَةٍ
( 8 ) پوءِ انھن کي ڪجھ بچيل ڏسين ٿو ڇا؟
وَجَاءَ فِرْعَوْنُ وَمَن قَبْلَهُ وَالْمُؤْتَفِكَاتُ بِالْخَاطِئَةِ
( 9 ) ۽ فرعون ۽ جيڪي اُن کان اڳ ھوا ۽ ناس ڪيل شھرن وارا (به) گناھ (جا ڪم) ڪري آيا.
فَعَصَوْا رَسُولَ رَبِّهِمْ فَأَخَذَهُمْ أَخْذَةً رَّابِيَةً
( 10 ) ۽ پنھنجي پالڻھار جي رسول جي نافرماني ڪيائون تنھنڪري (الله) وڏي پڪڙ سان کين پڪڙيو.
إِنَّا لَمَّا طَغَى الْمَاءُ حَمَلْنَاكُمْ فِي الْجَارِيَةِ
( 11 ) بيشڪ جڏھن پاڻي حد کان لنگھي ويو (تڏھن) اسان اوھان کي ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو.
لِنَجْعَلَهَا لَكُمْ تَذْكِرَةً وَتَعِيَهَا أُذُنٌ وَاعِيَةٌ
( 12 ) ھن ڪري ته اُن (ڳالھ) کي اوھان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُّ ياد رکي.
فَإِذَا نُفِخَ فِي الصُّورِ نَفْخَةٌ وَاحِدَةٌ
( 13 ) پوءِ جڏھن صُور ۾ ھڪڙي ڦوڪ ڦوڪبي.
وَحُمِلَتِ الْأَرْضُ وَالْجِبَالُ فَدُكَّتَا دَكَّةً وَاحِدَةً
( 14 ) ۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ ھڪ ڀيرو انھن کي ڪٽيو ويندو.
فَيَوْمَئِذٍ وَقَعَتِ الْوَاقِعَةُ
( 15 ) پوءِ اُن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي.
وَانشَقَّتِ السَّمَاءُ فَهِيَ يَوْمَئِذٍ وَاهِيَةٌ
( 16 ) ۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اُھو اُن ڏينھن ڍلو ٿيل ھوندو.
وَالْمَلَكُ عَلَىٰ أَرْجَائِهَا ۚ وَيَحْمِلُ عَرْشَ رَبِّكَ فَوْقَهُمْ يَوْمَئِذٍ ثَمَانِيَةٌ
( 17 ) ۽ ملائڪ آسمان جي ڪنارن تي ھوندا، ۽ تنھنجي پالڻھار جو تخت اُن ڏينھن اٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا.
يَوْمَئِذٍ تُعْرَضُونَ لَا تَخْفَىٰ مِنكُمْ خَافِيَةٌ
( 18 ) اُن ڏينھن اوھان کي (الله جي) آڏو ڪيو ويندو اوھان جي ڪا ڳالھ ڳجھي لڪي نه رھندي.
فَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ بِيَمِينِهِ فَيَقُولُ هَاؤُمُ اقْرَءُوا كِتَابِيَهْ
( 19 ) پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويو سو چوندو ته وٺو منھنجو اعمالنامو پڙھو.
إِنِّي ظَنَنتُ أَنِّي مُلَاقٍ حِسَابِيَهْ
( 20 ) بيشڪ مون يقين رکيو ھو ته آءٌ پنھنجي حساب کي پھچندس.
فَهُوَ فِي عِيشَةٍ رَّاضِيَةٍ
( 21 ) اُھو چڱي گذران ۾ ھوندو.
فِي جَنَّةٍ عَالِيَةٍ
( 22 ) مٿاھين بھشت ۾.
قُطُوفُهَا دَانِيَةٌ
( 23 ) جنھن جا ميوا ويجھا ھوندا.
كُلُوا وَاشْرَبُوا هَنِيئًا بِمَا أَسْلَفْتُمْ فِي الْأَيَّامِ الْخَالِيَةِ
( 24 ) (چئبن ته) وڻنديءَ تي کائو ۽ پيئو انھيءَ ڪري جو گذريل ڏينھن ۾ اڳي موڪليو ھيؤ.
وَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ بِشِمَالِهِ فَيَقُولُ يَا لَيْتَنِي لَمْ أُوتَ كِتَابِيَهْ
( 25 ) ۽ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس کٻي ھٿ ۾ ڏنو ويو، سو چوندو ھاءِ ارمان جيڪر منھنجو اعمالنامون مون کي نه ملي ھا.
وَلَمْ أَدْرِ مَا حِسَابِيَهْ
( 26 ) نه ڄاڻان ھا ته منھنجو حساب ڇا آھي؟
يَا لَيْتَهَا كَانَتِ الْقَاضِيَةَ
( 27 ) ھاءِ ارمان جيڪر موت نبيريندڙ ھجي ھا.
مَا أَغْنَىٰ عَنِّي مَالِيَهْ ۜ
( 28 ) منھنجي مال مون کي (ڪو) فائدو نه ڏنو.
هَلَكَ عَنِّي سُلْطَانِيَهْ
( 29 ) مون کان منھنجي بادشاھت چٽ ٿي.
خُذُوهُ فَغُلُّوهُ
( 30 ) (ملائڪن کي چئبو ته) پڪڙيوس پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٻڌوس.
ثُمَّ الْجَحِيمَ صَلُّوهُ
( 31 ) وري دوزخ ۾ وجھوس.
ثُمَّ فِي سِلْسِلَةٍ ذَرْعُهَا سَبْعُونَ ذِرَاعًا فَاسْلُكُوهُ
( 32 ) وري اھڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنھن جي ڊيگھ ستر گز ھجي.
إِنَّهُ كَانَ لَا يُؤْمِنُ بِاللَّهِ الْعَظِيمِ
( 33 ) ڇو ته اُھو (ماڻھو) الله وڏي کي نه مڃيندو ھو.
وَلَا يَحُضُّ عَلَىٰ طَعَامِ الْمِسْكِينِ
( 34 ) ۽ نڪي (ٻـين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو ھو.
فَلَيْسَ لَهُ الْيَوْمَ هَاهُنَا حَمِيمٌ
( 35 ) تنھنڪري اُن جو اڄ ھت ڪو دوست ڪونھي.
وَلَا طَعَامٌ إِلَّا مِنْ غِسْلِينٍ
( 36 ) ۽ نڪي اُن جو ڦٽن جي روڳ کانسواءِ ٻيو ڪو کاڌو آھي.
لَّا يَأْكُلُهُ إِلَّا الْخَاطِئُونَ
( 37 ) (جو) ڏوھارين کانسواءِ (ٻيو) ڪو ان کي نه کارائيندو.
فَلَا أُقْسِمُ بِمَا تُبْصِرُونَ
( 38 ) پوءِ جيڪي ڏسو ٿا اُن جو قسم کڻان ٿو.
وَمَا لَا تُبْصِرُونَ
( 39 ) ۽ جيڪي نه ٿا ڏسو تنھن جو (به).
إِنَّهُ لَقَوْلُ رَسُولٍ كَرِيمٍ
( 40 ) ته بيشڪ ھي (قرآن) ھڪ سڳوري قاصد جو سنيھو آھي.
وَمَا هُوَ بِقَوْلِ شَاعِرٍ ۚ قَلِيلًا مَّا تُؤْمِنُونَ
( 41 ) ۽ اُھو ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آھي، اوھين ٿورڙو يقين رکو ٿا.
وَلَا بِقَوْلِ كَاهِنٍ ۚ قَلِيلًا مَّا تَذَكَّرُونَ
( 42 ) ۽ نڪي ڪنھن ڳجھ بڪندڙ جو ڪلام آھي، ٿوري نصيحت وٺو ٿا.
تَنزِيلٌ مِّن رَّبِّ الْعَالَمِينَ
( 43 ) (ھيءُ) جھانن جي پالڻھار کان نازل ٿيل آھي.
وَلَوْ تَقَوَّلَ عَلَيْنَا بَعْضَ الْأَقَاوِيلِ
( 44 ) ۽ جيڪڏھن (پيغمبر) اسان تي ڪي ڳالھيون (پاڻون) ٺاھي ھا.
لَأَخَذْنَا مِنْهُ بِالْيَمِينِ
( 45 ) ته ضرور سڄي ھٿ کان کيس پڪڙيون ھا.
ثُمَّ لَقَطَعْنَا مِنْهُ الْوَتِينَ
( 46 ) وري سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون ھا.
فَمَا مِنكُم مِّنْ أَحَدٍ عَنْهُ حَاجِزِينَ
( 47 ) پوءِ اوھان مان ڪو ھڪڙو (اسان جي عذاب کي) کانئس جھلڻ وارو نه آھي.
وَإِنَّهُ لَتَذْكِرَةٌ لِّلْمُتَّقِينَ
( 48 ) ۽ بيشڪ ھي (قرآن) پرھيزگارن لاءِ نصيحت آھي.
وَإِنَّا لَنَعْلَمُ أَنَّ مِنكُم مُّكَذِّبِينَ
( 49 ) ۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪي اوھان مان ڪوڙ ڀانئيندڙ آھن.
وَإِنَّهُ لَحَسْرَةٌ عَلَى الْكَافِرِينَ
( 50 ) ۽ بيشڪ ھي (قرآن) ڪافرن لاءِ ارمان (جو سبب) آھي.
وَإِنَّهُ لَحَقُّ الْيَقِينِ
( 51 ) ۽ بيشڪ ھي (قرآن) پورو سَچو آھي.
فَسَبِّحْ بِاسْمِ رَبِّكَ الْعَظِيمِ
( 52 ) تنھنڪري تون پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.